ڀيڻي ماتو 1

ڀيڻي ماتو-1 (Bhaini Matoo-I): تعلقي ميهام، ضلعي روهتڪ جو ڳوٺ ڀيڻي ماتو (هندستان)، جيڪو ميهام شهر کان 5 ڪلوميٽر اتر-اولهه تي ميهام- سيمان روڊ تي آهي. اتي هڪ دڙو ''05'1476 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ''20'0829 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود هو. دڙو ڳوٺ ڀيڻي ماتو کان هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ- اوڀر ۾ آهي، جيڪو 1.7 هيڪٽرن جي ايراضي والاريندو هو. منڍ ۾ دڙي جو ڏکڻ ۽ اولهه وارو حصو ڊاهي ان کي آباديءَ هيٺ آندو ويو، بعد ۾ رهيل 1.2 ميٽرن جو دڙو به ڊاهي آباديءَ هيٺ آندو ويو. Exploration دوران ٻنيءَ مان پوئين هڙاپائي دور جو ٺپيل ٺڪراٺو مليو آهي. جڏهن ته اوائلي تاريخي ۽ وچين تاريخي دور جو ٺڪر به مليو آهي. وٿن ۾ ٺڪر کانسواءِ ٺڪر جي چوڙين جا ٺڪر به مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو